TheRichMan

پيارا سنڌي سڄڻو!

60 سالن دؤران، اسان جي ايندڙ پيڙهي جُوان ٿي آهي. اسان جي پنهنجي جاتي آهي ۽ اسان هڪٻئي سان مضبوطي سان ڳنڍيل آهيون. اسان پنهنجي ريتن رسمن کي قائم رکڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون ۽ پنهنجن پريوارن ۽ سڀيتا جو اونو رکندا آهيون.

اسان ڪيترن ئي طريقن سان ڀڳوان کي پرشن ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون، اسان مندر ويندا آهيون ۽ پنهنجن وڏڙن جي ٻڌايل ڳالهين تي پائبندي سان عمل ڪندا آهيون.

اسان، فلاح ۽ دان لاءِ ججهي انداز ۾ ڏيندا آهيون ۽ آس اٿئون ته پراچين ريتن رسمن جي پوئواري ڪرڻ سان اسان مهان منش پد تي پهچي وينداسين.

اسان هي حقيقت سمجهون ٿا ته، اسان ڪيڏو به جتن ڪريون پر اسان ڀڳوان جهڙا نٿا بنجي سگهون. تنهن هوندي به اسان کي يقين آهي ته ڀڳوان دياوان ۽ معاف ڪندڙ آهي ۽ اِهو وشواس اٿئون ته جيڪڏهن ڪو منش سچي ڌرم تي دِل سان عمل ڪندو ته سندس سَڻائي ٿيندي ويندي ۽ آخرڪار هو مهان منش پد تي رَسِي ويندو.

حقيقت هي آهي ته ڀڳوان اسان کان ڏور ناهي، هُن اسان کي پاڻ جهڙو ئي ڪري خلقيو آهي. پاپ ئي اصل ۾ اسان کي هُن کان ڇِني ڌار ڪن ٿا. انهي کان علاوه، ڀڳوان سان ساٿ ڇڄڻ ڪارڻ، اسان خوف ۽ ڳڻتين جو شڪار ٿي سگهون ٿا. ايشور کي پاپن کان ڌڪار آهي ۽ هو هڙني پاپين کي سزا ڏيندو آهي.

ڀڳوان وٽ پاپ جي سزا موت آهي، يعني، ڀڳوان کان الڳ ٿي نرگ ۾ وڃڻ، ڇاڪاڻ ته اسان سڀني پاپ ڪيا آهن، تنهن ڪري اسان سڀئي اها موت لهون ٿا. مان سمجهان ٿو توهان هي ڄاڻو ٿا ته اسان جي پاپن سبب، اسان لاءِ ڪوبه مارگ ناهي بچيو. اسان ڪيڏي به تلافي ڪريون، ڪيڏا به شڀ ڪاريه ڪريون، اسان پنهنجن پاپن مٿان اهڙي فيصلي کان مڪتي نٿا پائي سگهون.

پر، ڀڳوان خود اسان لاءِ هِڪ مارگ ڇڏيو آهي. اسان، شڀ ڪارج ذريعي ڀڳوان کي حاصل ڪرڻ جي آشا نٿا رکي سگهون، تنهن ڪري ايشور پنهنجي پٽ يُسوع مسيح کي اسان ڏانهن موڪليو. هُو منش روپ ڌاري آيو، پاپن کان نشچڪ جيون گذاريائين ۽ صليب تي  دم ڏنائين. انهي صليب تي، هُن اسان جن پاپن جي فيصلي کي پاڻ تي کنيو،  پيڙا سٺائين ۽ مري ويو. پر ڇاڪاڻ ته هُن ڪڏهن به پاپ نه ڪيو هو، تنهن ڪري ايشور کيس ٽئين ڏينهن تي مُردن مان اُٿاري بيهاريو. وري ڪڏهن به نه مرڻ لاءِ. هاڻ هُو ايشور جي ساڄي هٿ تي آهي. هو سندس مها پادري ۽ ٽياڪڙي ڪندڙ آهي. يُسوع اسان لاءِ ڪيتريون ئي برڪتون رکندڙ آهي. جيڪا ڳالهه مان توهان کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو سا هي آهي ته مون ايشور طرفان مليل شانتي کي آزمايو آهي، ڇاڪاڻ ته صليب تي يُسوع جي مرتئي جي مُهابي، منهنجا هڙئي گناهه معاف ٿي ويا آهن، ۽ مان هاڻ ڀگوان جو ٻالڪ آهيان. ايشور مون کي پنهنجي پاڪ آتما عطا ڪئي آهي، جيڪا ايشور ۽ منش جي ڏس ۾، ڪيترن ئي حيرت انگيز طريقن سان منهنجي رهنمائي ڪري ٿي. ماڻهو پنهنجن چڱن ڪمن تي وشواس ڪندا آهن ته اُهي عمل کين موجوده  جيون ۽ مستقبل ۾ ڪم ايندا. پر، يُسوع مسيح جي سبب، مان هِن مهل، ايشور سان ويجهي ساٿ جو مزو وٺي رهيو آهيان.

پر انهي کان علاوه به گهڻو ڪجهه آهي...

ايشور مون تي اهڙي نظر وجهي ٿو ڄڻ ته مان ڪڏهن به پاپي نه رهيو هُجان. مون سان فقط اهوئي ٿئي ٿو جنهن جي هُو آگيا ڏئي ٿو، ڪا به درگهٽنا مون سان پيش نٿي اچي. ڪنهن به منش يا بات جي خوف ۾ نٿو رهان. مون ڪيترائي مسئلا حل ڪيا آهن، روح ۽ هردي ۾ شانتي ۽ در مان پراپت ڪيا آهن. مون ايشور جو مشاهدو اهڙي پتا سمان ڪيو آهي جنهن جهڙو ڪوبه سنساري پتا نٿو ٿي سگهي.

خدا مون لاءِ ڪيئي حيرت جهڙا ڪم ڪيا آهن، مثال طور، تازو ئي مان جهڙو ڪر گذاري ويو هُئس، جو مون کي دِل جو دؤرو پيو هو، پر ايشور مون کي بچائي ورتو. اسپتال وڃڻ دوران پرارٿنا ڪرڻ بعد، پيڙا مٽجي ويئي. منهنجي باءِ پاس سرجري ٿي، جنهن مان پڻ مان جلد چاق ٿي آيس.

مون هٺ ۽ خود غرضي ۾ اچي ڪُجهه شين جي آرزو ڪئي. ايشور منهنجي مدد ڪئي، ته مان هُن خاطر گهڻا ڪم ترڪ ڪري ڇڏيا. مون کي ڪنهن سان به ڪينو ۽ بُغض ڪونهي، مون سان جڏهن به ڪو انياءَ ٿيندو آهي ته معاف ڪري ڇڏيندو آهيان. يُسوع مسيح ته صليب تي به ايشور کي ارداس ڪيو هو ته هُو انهن کي معاف ڪري جيڪي کيس صليب ڏيئي رهيا هئا، ڇو ته کين اِهو معلوم ئي نه هو ته هُو ڇا ڪري رهيا آهن. مونکان به جڏهن ڪا چڪ ٿيندي آهي ته معافي وٺندو آهيان يا پئسا واپس ڪندو آهيان. منهنجي دِل ۾ شانتي آهي ۽ مان نيڪ ضمير (انسان) آهيان.

صاف ڳالهه، ته ڪڏهن ڪڏهن مونسان منجهائيندڙ مامرا به ٿيندا آهن، پر مان انهي کي ايشورجي منشا ۽ مرضي سمجهندو آهيان ۽ ڄاڻان ٿو ته انهن جو آخر چڱو نتيجو ئي نڪرندو. مون کي خبر آهي ته ڪيترن ئي حالتن ۾ مون کي درستگي جي ضرورت آهي ۽ مان انهي کي قبول ڪريان ٿو.

مان پوري خلوص سان توهان کي صلاح ڏيان ٿو ته پنهنجن پاپن جي تلافي ڪريو، انهن کان مُڙي وڃو، ۽ يُسوع کي پنهنجو مسيحا ۽ ڀگوان ڪري ڀانئيو. انسانذات جي ڇوٽڪاري لاءِ فقط يُسوع مسيح ئي خدا جي خلقيل واحد سنئين واٽ آهي. جيڪر توهان کي ڪنهن سهائتا يا وضاحت جي ضرورت هُجي، ته مونڏانهن لکو.

خلوص سان

نريش بي جُماڻي

 

Translate This Page

Make a free website with Yola